سون جي اگهه ۾ اڄ به وڏي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اڄ به سوين رپيا سستو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1600 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 38 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون 1257 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 4 هزار 47 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 4 ڊالر واڌ سان 2301 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.