صحت جي شعبي ۾ پاڪستان وڏو اعزاز ماڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت جي شعبي ۾ پاڪستان وڏو اعزاز ماڻي ورتو، پاڪستاني ڊاڪٽر شهزاد بيگ کي 100 عالمي اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر شهزاد بيگ جو نالو ٽائم ميگزين جي 2024 جي عالمي اڳواڻن جي فهرست ۾ شايع ڪيو ويو آهي، هو پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي پروگرام جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر آهي.
عالمي سطح تي نامزدگي ڊاڪٽر شهزاد جي قيادت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن جو اعتراف آهي.
واضح رهي ته ڊاڪٽر شهزاد بيگ اڪيلو پاڪستاني آهي، جنهن کي ان فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.