فوج ۾ بغاوت جي ڪوشش ڪندڙ چون ٿا ته ڳالهيون ڪنداسين: خواجا آصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فوج ۾ بغاوت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻ چون ٿا ته ڳالهيون ڪنداسين.
سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته هڪ سال اڳ تاريخي واقعو ٿيو، پهريون ڀيرو هڪ سياسي جماعت عدم اعتماد تي ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪيو، پهريون ڀيرو هڪ سياسي جماعت جي ايڇ ڪيو، ميانوالي ايئر فيلڊ تي حملو ڪيو، شهادتون وڊيوز جي صورت ۾ سامهون آيون.
هن چيو ته ان ڏينهن ريڊ لائن ڪراس ڪئي وئي، نظرياتي ۽ سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي ان جماعت اهو منصوبو اڳ ئي ٺاهيو هو، پاڪستان جي سلامتي خلاف وڏي سازش ڪئي وئي.
سندس موجب ڪالهه هنن 3 رڪني ڪميٽي ٺاهي ۽ چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪنداسين، انهن کي هاڻ خبر پئي ته سياست ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، هاڻ انهن پارٽي وڪيلن حوالي ڪري ڇڏي، هاڻ ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي، 9 مئي بابت قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.