فيصل ڪريم ڪنڊي خيبر پختونخواهه جي گورنر طور حلف کڻي ورتو

پشاور (ويب ڊيسڪ) فيصل ڪريم ڪنڊي خيبر پختونخواهه جي گورنر طور حلف کڻي ورتو.
حلف برداري تقريب گورنر هائوس پشاور ۾ ٿي، جتي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کان حلف ورتو.
ان موقعي تي صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس سميت ٻيون سرڪاري اختياريون شريڪ هيون، جڏهن ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي.
فيصل ڪريم ڪنڊي پ پ جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري هو، سندس گورنر طور نامزدگي گذريل ڏينهن پ پ جي اهم اجلاس ۾ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.