ڀارتي دهشتگردي جو دائرو رڳو پاڪستان نه پر ڪئناڊا ۽ آمريڪا تائين پکڙجي ويو آهي: منيراڪرم

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ڀارت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي دهشتگردي رڳو پاڪستان تائين محدود ناهي پر ان جو دائرو ڪينيڊا ۽ آمريڪا سميت ٻين ملڪن تائين پکڙجي ويو آهي.
جنرل اسيمبلي ۾ امن جي ثقافت تي بحث دوران گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي چيو ته ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن، عيسائين ۽ ٻين اقليتن کي به نشانو بڻائي رهيو آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت جي هي دهشتگردي وڌي وئي آهي، ان کي سياسي مخالفن جي ٽارگيٽ ڪلنگ تائين وڌايو ويو آهي.
منير اڪرم نريندر مودي جو حوالو ڏيندي واشنگٽن پوسٽ جي هڪ رپروٽ جو ذڪر ڪيو جتي ڀارتي وزيراعظم چيو هو ته اڄ ڀارت جا دشمن به ڄاڻي چڪا آهن ته هي مودي آهي، هي نئون هندستان آهي، هي نئون هندستان اوهان جي گهر ۾ گهڙي قتل ڪري سگهي ٿو…..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.