اي آءِ اينڪر ۽ ٽيچر کانپوءِ مصنوعي حڪومتي ترجمان به اچي وئي

دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ ملڪ ۾ آرٽي فيشل انٽيليجنس تي ٻڌل حڪومتي سفارتي ترجمان تيار ڪيو ويو آهي.
يوڪرين طرفان پهرين مئي تي اي اءِ ترجمان وڪٽوريا کي متعارف ڪرايو ويو هو.
هي اي آءِ ترجمان يوڪريني پرڏيهي وزارت جا بيان جاري ڪرڻ جو ڪم ڪندي.
يوڪرين جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته وڪٽوريا طرفان جاري ڪيل بيان اي آءِ جي مددسان تيا نه ڪيا ويندا پر انهن کي انسان ئي تحرير ڪندا.
پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته نئين ترجمان ٽيڪنالوجي ۾ اهڙي پيش رفت آهي جيڪا دنيا ۾ ڪابه سفارتي سروس ۾ اڃان تائين ناهي ڪري سگهي…….
ياد رهي ته ڀارت ۾ پهرين آرٽيفيلشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي ذريعي ٺاهيل اسڪول ٽيچر متعارف ڪرائي هئي، جڏهن ته ان کان اڳ به ڀارت ۾ئي هڪ مصنوعي ذهانت ذريعي تيار ڪيل نيوز اينڪر کي متعارف ڪرايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.