صدر ٽئڪس قانونن جي ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي سفارش تي ٽيڪس قانونن جي ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي مان 29 اپريل تي منظور ٿيل ٽيڪس قانونن ۾ ترميم جو بل وزيراعظم منظوري لاءِ صدر کي موڪليو ۽ منظور ڪرڻ جي سفارش ڪئي.
صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ٽيڪس قانونن ۾ ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏني.
ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز بابت قانونن ۾ ترميم ڪرڻ آهي، اُن وسيلي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1999ع جي سيڪشن 30 ڊي ڊي ڊي، 43، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن.
ترميمي بل جي مدد سان وفاقي ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع جي سيڪشن 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 122 اي، 124، 126 اي، 130، 131، 132، 133 ۽ 134 اي ۾ ترميمون ڪيون ويون.
واضح رهي ته ٽيڪس قانونن جو ترميمي بل 2024 قومي اسيمبلي مان 29 اپريل تي پاس ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.