وزيراعظم جي ڪڻڪ اسڪينڊل ڪميٽي سربراهه سان ملاقات، سومر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي جي سربراهه ڪامران علي افضل کي سومر تائين حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڪڻڪ درآمد اسڪينڊل جي جاچ جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف سان ڪڻڪ اسڪينڊل جاچ ڪميٽي جي سربراه ڪامران علي افضل ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جاچ ڪميٽي جي سربراهه کي ڪڻڪ جي درآمد جي معاملي جي شفاف جاچ جي هدايت ڪندي سومر تائين حتمي رپورٽ ڪابينا ڊويزن سيڪريٽري کي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.