پاڪستان جو پهريون سيٽلائٽ مشن چنڊ تي موڪلڻ جون تياريون مڪمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي موڪلڻ جو تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
ڪور ڪميٽي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته 3 مئي تي 12 وڳي 50 منٽن تي پاڪستان جون پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي موڪليو ويندو.
هن جو چوڻ هو ته اهو مشن چين جي هينان اسپيس لانچ سائيٽ کان اسپيس ۾ موڪليو ويندو، سيٽلائيٽ آءِ ڪيوب قمر جي لانچنگ کي ويبسائيٽ کان لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر خورشيد چيو ته آءِ ڪيوب قمر جو ڊيزائن ۽ ڊيولپمنٽ چين ۽ سپارڪو جي تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي، چنڊ جون تصويرون ٺاهڻ لاءِ آءِ ڪيوب ۾ 2 ڪيمرا لڳايا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.