راڻا ثناءُ الله کي وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله کي سياسي معاملن بابت وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب راڻا ثناءُ الله جي مقرري بابت ايڊوائس صدر آصف علي زرداري کي موڪلي وئي آهي.
واضح رهي ته ن ليگ جي گذريل دور ۾ راڻا ثناءُ الله وفاقي گهرو وزير هو پر هن ڀيري هو عام چونڊن ۾ فيصل آباد مان پنهنجي سيٽ هارائي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.