ٿر واري سون: آءِ ٽي وزارت جو اهم پلان تيار

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي ۽ صنعتي ماهرن ٿر جي واري کي ڪمپيوٽر چپس ٺاهڻ لاءِ انتهائي ڪارائتو قرار ڏنو آهي.

ٿر جي واري ۾ سليڪا جي اعلي معيار جي خاصيتن سان اهو ممڪن آهي ته چپس جو بنيادي تهه يعني ويفر ٺاهي سگهجي ٿو جيڪا ڊجيٽل دنيا جي اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو.

کاتي هڪ پلان تيار ڪري ورتو آهي جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پيش ڪيو ويو آهي.

منصوبي موجب ٿر ۾ چپ ويفر ٺاهڻ لاءِ ضروري شيون جهڙوڪ ڪوئلو، واري، پاڻي ۽ بجلي موجود آهن. ٿر جي علائقي ۾ 250 ميگاواٽ بجلي به ان منصوبي لاءِ سازگار آهي.

منصوبي جي ڪل لاڳت جو اندازو 450 ملين ڊالر آهي، جيڪو پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت مڪمل ٿي سگهي ٿو.

منصوبي لاءِ ٿرپارڪر ضلعي جي اسلام ڪوٽ ۾ 150 ايڪڙ زمين پڻ رکي وئي آهي.

سنڌ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي منصوبي جو شروعاتي پيپر ورڪ مڪمل ڪري لاڳاپيل وزارتن ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.

اهو منصوبو نه رڳو مقامي سطح تي ٽيڪنالاجي صنعت کي هٿي ڏئي سگهي ٿو پر عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي موجودگي کي پڻ مضبوط ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.