سنڌ حڪومت جون ڪيترين ئي شخصيتن کان پوليس پروٽوڪول واپس وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪيترين ئي شخصيتن کان پوليس پروٽوڪول واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ ٿريٽ اسسمنٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪيترين ئي شخصيتن کان پوليس پروٽوڪول واپس ورتو ويندو، ڪنهن وٽ جيڪڏهن واڌو پوليس موبائل يا سيڪيورٽي هوندي ته ان کي واپس ورتو ويندو.
گهرو وزير چيو ته ٿريٽ اسسمنٽ ڪميٽي جو اجلاس ايندڙ هفتي وري ٿيندو، جنهن ۾ ڪميٽي جي تجويز تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.