نشاندهي ٿي وئي، ٽيڪس نه ڏيندڙ 6 لک کان وڌيڪ ماڻهن جون موبائل فون سمون بند ڪيون وينديون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 6 لک 6 هزار 671 ٽيڪس ڏيندڙن جي نشاندهي ڪري ورتي.
ايف بي آر 6 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون موبائل سمون بند ڪرڻ لاءِ انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.
ايف بي آر 6 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون موبائل فون سمون بند ڪرڻ لاءِ نشاندهي ڪري ڇڏي آهي.
فيڊرل بورڊ آف روينيو موجب انهن ماڻهن جي آمدني انڪم ٽيڪس ريٽرنز فائل ڪرڻ جي قابل آهي پر ان باوجود اهي فائل نه پيا ڪن.
ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو ايف بي آر ايڪٽوٽيڪس پيئر لسٽ ۾ شامل ناهن، انڪم ٽيڪس ريٽرنز فائل نه ڪندڙن جا موبائل فون ڪنيڪشن ڪنهن وقت به بند ڪري سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.