دفاعي چيمپيئن انگلينڊ جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ۽ پاڪستان سان سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان

انگلينڊ(ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ پاڪستان سيريز ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ۽ پاڪستان خلاف سيريز لاءِ انگلش ٽيم جي قيادت جوز بٽلر کي سونپي وئي آهي جڏهن ته اسڪواڊ ۾ تجربيڪار معين علي پڻ شامل آهي.
انگلش ٽيم جي اسڪواڊ ۾ جوني بيئرسٽو، هيري بروڪ، سيم ڪُرن، بين ڊڪِٽ، ٽام هارٽلي، وِل جيڪس، ڪِرس جارڊن، ليام ليونگسٽن، عادل رشيد شامل آهن.
ان کانسواءِ فِل سالٽ، ريس ٽاپلي، مارڪ ووڊ به ٽيم جو حصو آهن، جڏهن ته فاسٽ بالر جوفرا آرچر جي واپسي ٿي آهي، هن آخري ڀيرو مارچ 2023ع ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.