ايل پي جي جي اگهه ۾ وڏي لاٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ايل پي جي جي قيمت ۾ في ڪلو 11 رپيا 88 پئسا گهٽتائي ڪري ڇڏي.
ايل پي جي جي نئين في ڪلو قيمت 238 رپيا 46 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ گهريلو سئلينڊر 140 رپيا 18 پئسا سستو ٿيو آهي.
نون اگهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، نوان اگهه پهرين مئي کان لاڳو ٿيندا.
نوٽيفڪيشن موجب اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ ايل پي جي جو 11.8 ڪلو گرام جو گهريلو سئليندڙ 2 هزار 813 رپين 85 پئسن جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.