ڀارتي عدالت سيما حيدر جي مڙس غلام حيدر کي طلب ڪري ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر گريٽر نوائيڊا جي هڪ عدالت سيما حيدر جي پاڪستاني مڙس غلام حيدر کي طلب ڪندي 10 جون کان پهريان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت ۾ غلام حيدر جي ڪيس ۾ پيروي ڪندڙ وڪيل مومن ملڪ چيو ته هن جو موڪل عدالت ۾ پيش ٿيندو.
ڪجهه هفتا پهريان سيما جي پاڪستاني مڙس غلام حيدر ڀارتي وڪيل ذريعي نوئيڊا جي فيملي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ سچن ۽ سيما جي شادي کي چيلينج ڪيو ويو هو.
عدالت ۾ داخل ٿيل درخواست ۾ غلام حيدر پنهنجي ٻارن جي مذهب جي تبديلي کي به چيلينج ڪيو هو.
غلام حيدر جي وڪيل جي دعويٰ آهي ته سيما غلام حيدر کان طلاق نه ورتي هئي، انڪري سچن سان ان جي شادي صحيح ناهي.
جنهن تي عدالت سيما حيدر کي 27 مئي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وڪيل مومن ملڪ موجب سيما جو پهريون مڙس سمورا ثبوت کڻي ڀارت اچي رهيو آهي، جنهن مان ثابت ٿيندو ته زال مڙس ۾ طلاق ناهي ٿي.
ياد رهي ته سيما جي ڀارتي شهري سچن سان پهرين گفتگو 2019 ۾ آن لائن شوٽنگ گيم پب جي تي ٿي هئي، جنهن بعد سيما جي ڀارت پهچڻ تي جوڙي شادي ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.