گڏيل عرب امارتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز برساتن جي اڳڪٿي

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
اماراتي موسمياتي کاتي (نيشنل سينٽر آف ميٽرولاجي) موجب اربع جي شام کان خميس تائين سخت برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو، ان دوران تيز هوائن جي رفتار 65 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين وڃي سگهي ٿي.
واضح رهي ته گڏيل عرب امارتن ۾ ٻه هفتا اڳ به تيز برساتون پيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.