گهوٽ ٻن جو کوڙو نه ٻڌائي سگهيو، ڪنوار جو شاديءَ کان انڪار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ شادين دوران عجيب قسم جا واقعا سامهون ايندا رهندا آهن، اهڙو ئي هڪ تازو واقعو سامهون آيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست ۾ ڪنوار گهوٽ طرفان ٻن جو کوڙو ٻڌائڻ ۾ ناڪامي تي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهوٽيتن شادي کان اڳ ڪنواريتن سان ڪوڙ ڳالهايو ته اسان جو ڇوڪرو پڙهيل لکيل آهي پر ڪنوار گهوٽ جي تعليمي قابليت جاچڻ لاءِ ڄاڃين سامهون کيس ٻن جو کوڙو ٻڌائڻ جو چيو.
ڇوڪرو اڻ پڙهيل هو ۽ هو ٻن جو کوڙو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن تي ناريءَ اتي ئي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڄڃ واپس موڪلي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو واقعو 2021 جو آهي، جنهن کي هڪ هندي اخبار رپورٽ ڪيو هو پر تازو هڪ واهپيدار طرفان ان خبر کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ کانپوءِ اها وائرل ٿي وئي ۽ واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.