ڪهڙن ويزن تي سعودي ويندڙ حج نه ڪري سگهندا؟

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت ويزن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جن ذريعي سعودي پهچندڙ ماڻهن کي حج ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
حج واري وزارت ايڪس ( اڳوڻي ٽوئيٽر) تي هڪ پوسٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته حج لاءِ ويزا نه رکندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
حج واري وزارت جو چوڻ آهي ته ويزي کانسواءِ حج نه ٿيندو، تنهن ڪري حج جي ادائيگي لاءِ سعودي آمد کان پهريان ويزا حاصل ڪئي وڃي.
وزارت ٻڌايو آهي ته وزٽ،ٽوئرسٽ، ۽ ٽرانزٽ ويزي تي سعودي عرب ايندڙن کي حج لاءِ اجازت نه ڏني ويندي.
حج ۽ عمري واري وزارت اختيارين کي واضح ڪيو آهي ته حج لاءِ درخواست ڏيڻ يا پرمٽ حاصل ڪرڻ جي آخري تاريخ 13 جون 2024ع آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.