”ويلڪم ٽو دي جنگل“ آفتاب شيودساني ۽ اڪشي جي ڌماڪي دار انٽري

بالي ووڊ جي اداڪار اڪشي ڪمار جي جلد ريليز ٿيندڙ فلم ”ويلڪم ٽو دي جنگل“ ۾ ڀارتي اداڪار، پروڊيوسر ۽ ماڊل آفتاب شيودساني به ڌماڪي دار انٽري ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي.
انسٽاگرام تي اداڪار آفتاب هڪ پوسٽ ۾ 16 سال پهريان اڪشي ڪمار سان ورتل تصوير سان شيئر ڪئي.
آفتاب منفرد تصوير جاري ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته 16 سال گذرڻ باوجود اوهان ڏسي سگهو ٿا ڪجهه ناهي بدليو.
ياد رهي ته ويلڪم ۽ ويلڪم ٽو جي ڪاميابي کانپوءِ احمد خان جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ويلڪم ٽو دي جنگل جي ڪاسٽ ۾ سنجي دت، سنيل شيٽي، ديشا پٽاني، روينا ٽنڊن، لارا دتا، جيڪلن، ارشد وارثي، جاني ليور، ڪرشنا، اڀي شيڪ ۽ راجپال ياديو سميت ڪيترائي اسٽار نظر ايندا.
ايڊونچر ڪاميڊي فلم هلندڙ سال 20 ڊسمبر ۾ سينيما گهرن جي زينت بڻندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.