ڪنهن کي يقين نه هو ته معيشت سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديس: شمشاد اختر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ اڳوڻي نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر چيو آهي ته منهنجي دور ۾ ڪنهن کي يقين نه هو ته ايڏي سٺي طريقي سان معيشت سنڀالينديس.
ڪراچي ۾ اوورسيز چيمبر ۾ وومين امپاورمينٽ ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي شمشاد اختر چيو ائين ناهي ته عالمي سطح جي ادارن ۾ عورتن خلاف تعصب ناهي، بئنڪنگ سيڪٽر جا ماڻهو طاقتور ۽ پئسي وارا آهن، مان پنهنجي دور ۾ تمام سخت فيصلا ڪيا.
هن چيو ناڻي واري وزارت وارا سمجهندا هئا ته مون کي ڪا خبر ناهي، ڪنهن کي يقين نه هو ته مان معيشت سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿينديس، مون کي پريزنٽيشنز ڏنيون ويون، مان چيو معيشت دان آهيان رهڻ ڏيو، سول سرونٽس جذبو ناهن وڌائيندا توهان کي پاڻ ئي ڪم ڪرڻو پوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.