ڇا ڀارت ۾ واٽس ايپ بند ٿيڻ وارو آهي؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ رابطي جي مقبول ترين اپليڪيشن واٽس ايپ ڀارت ۾ پنهنجي سروس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
ڀارتي حڪومت 25 فيبروري 2021ع ۾ دي انفارميشن ٽيڪنالوجي رولز جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ سمورن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ فيسبڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام اپليڪيشنز عدالت ۾ لاڳاپيل عملدارن کي واهپيدارن جي چيٽ ٽريس ڪرڻ يا انهن جي معلومات ڏيڻ جا پابند آهن.
تنهنڪري واٽس ايپ پنهنجي مشهور فيچر ”اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن“ ذريعي قاعدن جي پابندي نٿو ڪري سگهي، اهو فيچر ٻن واهپيدارن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻول کي محفوظ بڻائيندو آهي.
ڪمپني موجب واهپيدارن جي پرائيويسي لاءِ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن ضروري آهي، جنهن سبب ميسيجز موڪليندڙ ۽ وصول ڪندڙن کانسواءِ ٻيو ڪوئي ناهي پڙهي سگهندو.
جڏهن ته ڀارتي حڪومت جو موقف آهي ته آنلائن سيفٽي برقرار رکڻ لاءِ ميسيج موڪلڻ واري جو سراغ لڳائڻ ضروري آهي، انڪري سوشل ميڊيا پليٽفارمز غلط معلومات پکيڙڻ يا تشدد تي اڪسائڻ وارن جي سڃاڻپ ۾ مدد ٿي سگهي.
واٽس ايپ ۽ ڀارتي حڪومت ۾ اهو تڪرار هاڻي دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ پهتل آهي.
عدالت ۾ واٽس ايپ جي وڪيل صاف لفظن ۾چيو آهي ته جيڪڏهن ايپ تي وڌيڪ دٻاءُ وڌو ته ڪمپني ڀارت ۾ سروس بند ڪري ڇڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.