41 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر، چاهيان ٿو ته اِهي تعليم حاصل ڪن: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسڪولن کان ٻاهر 41 لک ٻارن کي واپس اسڪولن ڏانهن آڻڻ بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير چيو ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي رپورٽ موجب 26 ملين کان مٿي ٻار اسڪولن ۾ تعليم حاصل ناهن ڪري رهيا، 7 ڏهائي 63 ملين ٻار سنڌ جا آهن جيڪي اسڪولن ۾ داخل نه آهن. مان چاهيان ٿو ته اسڪولن کان ٻاهر اهي ٻار تعليم حاصل ڪن.
تعليم واري وزير آگاهي ڏني ته وفاقي حڪومت جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جو انگ 14 ڏهائي 2 ملين آهي، جڏهن ته نجي ۽ سماجي ادارن جي اسڪولن جي ٻارن کي گڏائجي ته 10 ڏهائي 2 ملين ٻار اسڪولن ۾ آهن ۽ 4 ڏهائي هڪ ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
وڏي وزير چيو ته ان جا ڪهڙا به سبب هجن، ان جو حل اسان کي ڪڍڻو آهي. پرائمري اسڪولن کي اپ گريڊ ڪري پوسٽ پرائمري اسڪول ڪيو وڃي جڏهن ته ننڍن اسڪولن کي وڏن اسڪولن سان ڳنڍيو وڃي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته غير رسمي تعليم ذريعي 9 سالن يا ان کان وڏن ٻارن کي تعليم ڏئي سگهجي ٿي.
تعليم واري وزير چيو ته ان حوالي سان تجويزون موڪلينداسين….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.