ڀارت ۾ اداڪارا واٽس ايپ اسٽيٽس لڳائڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ناليواري اداڪارا امريتا پانڊي مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا کي رياست بهار جي شهر بهگلپور ۾ سندس ڪمري ۾ مئل حالت ۾ ڏٺو ويو.
امريتا پانڊي جي لاش ان جي ڪمري جي پکي ۾ لٽڪيل ملي، اداڪارا کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن هن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اداڪارا خودڪشي کان ڪجهه ڪلاڪ پهريان واٽس ايپ تي اسٽيٽس به لڳايو هو، جنهن تي سندس پرستارن ۾ ڳڻتي ڇانيل هئي.
امريتا پانڊي جي وارثن دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪارا ڪجهه مهينن کان شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي، جڏهن ته پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.