آمريڪا ۾ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ جوابدار جي پوليس تي فائرنگ، 4 آفيسر مارجي ويا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي رياست شمالي ڪيرولائنا ۾ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ گهربل جوابدار پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، حملي ۾ چار پوليس آفيسر مارجي ويا، جڏهن ته چار زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پوليس اهلڪار هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ گهربل جوابدار کي وارنٽ ڏيڻ پهتا ته هن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار به مارجي ويو.
خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته واقعي دوران جوابدار جي گهر مان به اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي وئي، بعد ۾ پوليس گهر مان عورت ۽ ٻار کي گرفتار ڪري بندوق هٿ ڪري ورتي.
شمالي ڪيرولائنا شارلٽ ميڪلن برگ جي پوليس چيف جوني جيننگز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل آفيسرن جو تعلق مختلف ايجنسين جي آفيسرن تي ٻڌل يو ايس مارشل ٽاسڪ فورس سان هو. مارجي ويلن ۾ هڪ ڊپٽي يو ايس مارشل به شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.