پني عاقل ۾ موبائل نڪرڻ تان جوابدار ڌيءُ ۽ ڀائٽي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، هڪ قتل، ٻي زخمي

پنوعاقل / سکر(رپورٽ: رستم انڍڙ+ آزاد مهر) پني عاقل جي ڪچي واري علائقي رضا ڳوٺ ٿاڻي حد ڳوٺ شفيع محمد مهر ۾ جوابدار محمد بخش تورپيائي مهر ساٿين سان گڏجي ٻن نارين سلما زال عبدالفتاح تورپيائي  مهر ۽ شازيه زال ذوالفقار علي مهر وٽان 2 موبائل فون هٿ ڪرڻ بعد ڌيءُ شازيا مهر کي ڳوٺاڻي نوجوان ساجد مهر سان هٿ ڪيل موبائل فون مان نمبر هٿ ڪرڻ جي بنياد تي ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي سڳي ڀائٽي سلما مهر کي سندن زمين ۾ هارپو ڪندڙ پوهيت مٺل عرف مٺو انڍڙ سان به ساڳئي ريت موبائل نمبر هٿ ڪرڻ جي بنياد تي ڪارنهن الزام ڏئي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد اطلاع تي رضاڳوٺ ٿاڻي جي پوليس پهچي زخمي ناري کي پني عاقل اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مقتولا ناري جو لاش جوابدارن قبضو ڪري گم ڪري ڇڏيو ھو، جنهن سبب لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس علائقي جي چڱن مڙسن معرفت گھڻي ڪوشش توڙي جوابدارن کي ايلاز  منٿون ڪرڻ بعد مقتولا جو لاش ھٿ ڪري پني عاقل اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ ھو ته رضاڳوٺ ٿاڻي جي پوليس جوابدار ڌر کان ڳري رشوت وصول ڪرڻ بعد بااثرن جي معرفت سان ڪارنهن الزام ڏئي ڌيءَ کي قتل ۽ ڀائٽي کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ڳجھي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين پيش آيل سانحي جو ڪيس ئي داخل نه ٿي سگھيو آهي، ٻئي طرف سکر پوليس جي ترجمان محمد بخش بلوچ پاران جاري ڪيل بيان موجب رضا ڳوٺ ۾ غيرت جي نالي تي عورت کي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدار جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي سکر عابد علي جي حڪم بعد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پوليس جي ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايس پي سکر عابد علي پاران پوليس ٽيم کي شاباس جو پيغام ڏيندي امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو حڪم ڏنو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.