”توهان جو مشن اسان جو مشن آهي“ سعودي وزيرن جي وزيراعظم کي خاطري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جون عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي سائيڊ لائنز تي سعودي وزيرن سان ملاقاتون ٿيون، جن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري معاملن تي ڳالهيون ٿيون.ا
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وزيراعظم سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد آل فاليح ملاقات ڪئي، هن وزيراعظم کي ”پرائم منسٽر آف ايڪشن“ قرار ڏنو.
سعودي وزير چيو ته اسان سڀ توهان جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي رفتار کان آگاهه آهيون، توهان پاڪستان جي ترقي جي مشن کي کڻي هلي رهيا آهيو، اسان سڀ توهان سان گڏ آهيون، توهان جو مشن اسان جو مشن آهي، سعودي سيڙپڪارن جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، سيڙپڪاري بابت پاڪستان اسان جي ترجيح آهي.
وزيراعظم ۽ سعودي وزير جي ملاقات ۾ اتفاق ٿيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳوليندو.
سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد آل جادان وزيراعظم سان ملاقات ۾ سعودي عرب طرفان پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان جي ترقي سعودي جي ترقي آهي، سعودي عرب ويزن 2023 بابت حڪومتي سطح تي سڌارا ۽ ڏکيا فيصلا ڪيا.
پڌرائيءَ موجب سعودي عرب جي صنعت واري وزير بندر بن ابراهيم الخيريف به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ سعودي وزير زراعت، معدنيات، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته منهنجي گذريل حڪومتي دور ۾ سعودي جي حمايت ۽ مدد سان اسان جون معاشي حالتون بهتر ٿيون، ٻئي ملڪ هڪٻئي جا اسٽريٽيجڪ پارٽنر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.