ٺري، راڻيپور روڊ جي مرمت: 498 ملين لاڳت، منصوبو ڊسمبر ۾ مڪمل ٿيندو: عبدالعليم خان

ڪراچي (پ ر) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان پنهنجي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري قومي شاهراهن ۽ موٽرويز جي تعميري ۽ مرمتي منصوبن کي اعليٰ معيار موجب وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. هنن چيو ته قومي شاهراهه اين فائيو جيڪو ٺري-راڻيپور سيڪشن جي پراڻي الاٽمينٽ سنڌ جي شهرن خيرپور، ڪوٽڏجي ۽ ڪنب مان گزري ٿو. اين فائيو کي جڏهن ٻٽو ڪيو ويو ته ان روڊ جي ڄاڻايل سيڪشن جي ري الاٽمينٽ ڪئي وئي هئي جنهن سان خيرپور شهر باءِ پاس هجڻ سان گڏوگڏ ٺري ۽ راڻيپور وچ ۾ وٿي گهٽجي وئي.

مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته ان وقت کان هن وقت تائين اين ايڇ اي نئين الاٽمينٽ جي سار سنڀال ڪري رهي آهي جڏهن ته پراڻي الاٽمينٽ جي به ضرور تموجب مرمت ڪئي ويندي.

وفاقي وزير عبدالعليم خان پنهنجي خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ڪيو.

اهو نوٽيس قومي اسيمبلي ميمبرن محترمه نفيسا شاهه، محترمه ناز بلوچ ۽ محترمه مهتاب اڪبر راشدي طرفان پيش ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڄاڻايل روڊ جي فوري مرمت ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو هو.

وفاقي وزير تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڄاڻايل شاهراهه جي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مسافرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي اين ايڇ اي ٻه مرمتي منصوبن جي منظوري ڏني جنهن تحت 52 ڪلوميٽر ٺري، راڻيپور سيڪشن لاءِ 2023-24 جي سالياني مرمتي منصوبن ۾ 498 ملين رپيا رکيا ويا.

وفاقي وزير پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته هي ٻئي مرمتي اسڪيمون پروڪيورمينٽ جي عمل ۾ آهن ۽ انهن جون مالي ٻوليون 24 اپريل 2024 تي کوليون ويون آهن.

هن اميد ڪندي چيو ته انهن مرمتي منصوبن جا دستاويزي معاملا ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ مڪمل ڪرايا ويندا ۽ انهن منصوبن تي تعمير ۽ مرمت جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.

شيڊيول موجب انهن اسڪيم کي ڊسمبر 2024 تائين مڪمل ڪيو ويندو.

مواصلات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مواصلات واري وزارت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سکر، حيدرآباد موٽروي جي اڏاوت ۽ اتر ۾ راولپنڊي، گلگت شاهراهه تي بابو سر ٽاپ جي مقام تي هڪ ٽنل جي اڏاوت کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ٽنل جي اڏاوت سان انهن ڏکين جابلو علائقن ۾ سفر سولو ۽ محفوظ ٿي ويندو. عبدالعليم خان چيو ته هو ملڪ ۾ موٽرويز ۽ قومي شاهراهن جي وقت سر ۽ عالمي معيار موجب تعمير کي يقيني بڻائڻ جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.