پاڪ – ايران لاڳاپن ۾ وڏي اڳڀرائي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي.

ذريعن موجب پاڪستان ۽ ايران دهشتگردي جي گڏيل چئلينج خلاف هٿ ملائي ڇڏيا آهن، پاڪ – ايران گڏيل سيڪيورٽي معاهدي تي ڪم جاري آهي ۽ لائزون آفيسرن جي مقرري تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.

سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌايو پيو وڃي، ٻنهي ملڪن سرحد تي دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

سفارتي ذريعن موجب ٻنهي ملڪن لائزون آفيسرن جي مقرري ڪري ڇڏي، هلندڙ پاڪستان اهي پنهنجي چارج سنڀاليندا، پاڪستاني لائزون آفيسر پاڪ فوج، ايراني لائزون آفيسر پاسداران انقلاب سان واسطو رکن ٿا، آفيسر پنهنجي پنهنجي فوج ۾ ڪرنل رينڪ جا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.