واٽس ايپ تي ڪال ڪرڻ وارن لاءِ نئين ۽ آسان سهولت

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي واهپيدار ان ماڻهن کي به آساني سان ميسيج ڪري سگهندا جيڪي انهن جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ ناهن.
خابرو اداري موجب ميٽا جي زير ملڪيت ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ تي واهپيدار هاڻي اهڙن ماڻهن کي وائس ڪالز نٿا ڪري سگهن جن جو نالو انهن جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ شامل ناهي، پر هاڻي امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته واٽس ايپ واهپيدارن جو اهڙو مسئلو به حل ڪرڻ وڃي پيو.
خابرو اداري جي رپورٽ موجب 2023ع ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن ذريعي واهپيدار اهڙن ماڻهن کي به ميسيج آساني سان موڪلي سگهن ٿا جن جو نالو انهن جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ شامل ناهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڃا تائين اهڙو ڪو فيچر متعارف ناهي ڪرايو ويو، پر هاڻي واٽس ايپ تي ان ايپ ڊائلر تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ان فيچر ذريعي واهپيدار فون نمبر محفوظ ڪرڻ کانسواءِ به ماڻهن کي ڪال ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.