انگلش ڳالهائڻ مشڪل لڳندو آهي؟ هاڻ گوگل اوهان جي مدد ڪندو

هونئن ته انٽرنيٽ تي گوگل کي گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي، پر هاڻ جيڪڏهن انگريزي ٻولي سکڻ چاهيو ٿا ته گوگل اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
گوگل طرفان تازو ئي اهڙيون کوڙ ساريون گوگل اسسٽنٽ ۽ ٽراسليٽ جهڙيون سروسز متعارف ڪرايون ويون آهن جيڪي مختلف ٻولين جي ترجمي ۾ مدد ڪنديون آهن.
پر هاڻي گوگل طرفان اهڙي سروس متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪري گوگل جي سرچ جي مدد سان واهپيدارن جي انگريزي ڳالهائڻ يا سکڻ ۾ مدد ڪندي.
اسپيڪنگ پريڪٽس نالي اهڙي فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجي انگريزي ڳالهائڻ جي صلاحيت کي بهتر ڪري سگهندا.
ڪمپني موجب اهو فيچر شروعات طور تي ارجنٽينيا، ڪولمبيا، انڊونيشيا، ڀارت، ميڪسيڪو ۽ ونزيلا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن کي واهپيدارن جي انگريزي ڳالهائڻ واري صلاحيت بهتر ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي.
هن فيچر ذريعي واهپيدارن کي مختلف ٻولين جي لفظن کي جملن ۾ صحيح استعمال ڪرائڻ جي به سکيا حاصل ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.