ايڪس ۾ گوگل ميٽا جهڙو ڪانفرنسگ فيچر متعارف ڪرائڻ جو امڪان

آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ کان وٺي نوڪري جي تلاش ۾ مددگار فنڪشنز تائين، ايلون مسڪ جي ملڪيت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس ۾ڪيترائي فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.
هاڻي ائين لڳندو آهي ته ڪمپني گوگل ميٽ يا زوم جهڙي ڪانفرنسنگ فيچر متعارف ڪرائڻ جي تيارين ۾ آهي.
هڪ رپورٽ موجب ايڪس اسپيسز ۾ اهڙي نئين فيچر جو اشارو مليو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان فيچر کي سوشل ميڊيا پليٽ فام ۾ لائيو ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
رپورٽ ۾ وضاحت ناهي ڪئي وئي ته اهو فيچر ايڪس اسپيسز کان ڪيترو مختلف هوندو، پر ظاهري طور واهپيدارن لاءِ گروپ وڊيو ۽ آڊيو ڪالز ڪرڻ ممڪن هوندو.
هڪ اسپيس پبلڪ فورم آهي، جنهن ۾ هر فرد ڳالهه ٻول جو حصو بڻجندو آهي، پر اصل ۾ اهو صرف ٻڌڻ تائين محدود هوندو آهي.
ان جي مقابلي ۾ نئين ويب ڪانفرنس فيچر سان محدود ماڻهن سان گروپ ڪال جي سهولت دستياب هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.