سرگوڌا يونيورسٽي ۾ فٽ بال مئچ دوران جهيڙو، 10 رانديگر زخمي

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا جي يونيورسٽي ۾ فٽ بال مئچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب يونيورسٽي آف سرگوڌا ۾ فٽ بال دوران رانديگرن ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن بعد جهيڙي ۾ هڪٻئي مٿان لتن، مڪن ۽ ٺونشن جو استعمال ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته جهيڙي ۾ ملتان ۽ سرگوڌا جي ٽيمن جا 10 رانديگرن زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏيئي روانو ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪيون پيا، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.