مهارن ۾ ٿورڙو مسئلو ”خاموش قاتل“ ٿي سگهي ٿو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نئين تحقيق ۾ ڄاتو ويو آهي ته وات جي صفائي جو خيال نه رکڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

جرنل نيورو انفليميشن ۾ ڇپيل تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي اهي ته مهارن جي هڪ عام بيماري ڊيمنيشيا (خاموش قاتل قرار ڏني ويندڙ بيماري) جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

آمريڪا جي فور سيٿ انسٽيٽيوٽ سان واسطو رکندر محققن جي تيم کي هڪ مطالعي ۾ خبر پئي ته اها بيماري مائيڪرو گليئل نالي دماغ جي سيلز ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿي.

اهي سيلز دماغ ۾ اميلائيڊ گڏ ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مدد ڪندا آهن.

اميلائيڊ هڪ قسم جو پروٽينهوندو آهي جنهن جو واسطو سيلز جي موت ۽ ماڻهن ۾ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ڪمزور ٿيڻ دعنيٰ الزائمرز سان هوندو آهي.

فورسيٿ انسٽيٽيوٽ سان واسطو رکندڙ سينيئر محقق ليکڪ ڊاڪٽر ايلپڊوگن ڪينٽارسي ٻڌايو ته ماضي جي مطالعن مان اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته مهارن جي بيماري جي ڪري ٿيندڙ سوڄ دماغ ۾ سوڄ ڪري ٿي.

ان تحقيق ۾ محققن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا وات جي بيڪٽيريا دماغ جي سيلز ۾ ڪا تبديلي آڻي سگهي ٿي؟

جن مائيڪرو گليئل سيلز جو ٽيم مطالعو ڪيو اهي هڪ قسم جي رت جا اڇا سيلز هوندا آهن جيڪي گڏ ٿيندڙ اميلائيڊ کي ختم ڪندا اهن.

تحقيق ۾ سائنسدانن مائيڪرو گليئل سيلز کي ضرورت کان وڌيڪ سرگرم ٿيڻ کي ڏٺو جيڪي وات جي بيڪٽيريا کي منهن ڏيڻ تي وڌيڪ ايملائيڊ کائڻ لڳا هئا.

ڊاڪٽر ايلپڊوگن جو چوڻ هو ته اهي سيلز کائي کائي ٿلها ٿي ويندا آهن ۽ وڌيڪ اميلائيڊ کي نه کائي سگهندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.