”حرم شريف ۽ مديني پاڪ ۾ پرچم، تصويرون کڻڻ شرعي طور جائز ناهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علما ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي چيو آهي ته غير رجسٽرڊ حج گروپ يا سوشل ميڊيا گروپ سان حج بڪنگ نه ڪيو.
پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر اشرفي چيو ته ڪجهه ماڻهو حرم شريف ۽ مديني شريف ۾ پرچم، تصويرون کڻندا آهن، حرم شريف ۽ مديني شريف ۾ پرچم، تصويرون کڻڻ شرعي طور جائز ناهي، گهرو وزارت ايف آءِ اي ذريعي اهڙن ماڻهن خلاف ايڪشن وٺي.
هن چيو ته حرمين شريفين ۾ شريعت خلاف ڪم ڪندڙن خلاف ايڪشن وٺن گهرجي، جڏهن ته هن سال ڪراچي مان به روڊ ٽو مڪه پروگرام تحت پانڌيئڙا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.