ڪراچي جي روڊن تي ڀارتي ڪرڪيٽر جي تصوير، سبب ڪهڙو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي روڊن تي لڳل ڪجهه بل بورڊز ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر روبن اٿاپا کي ڏٺو پيو وڃي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اپليڪيشن جي مشهوري لاءِ بل بورڊز لڳل آهن، جن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر روبن اوٿاپا سان گڏ 2 عورت ڪرڪيٽرن جون تصويرون به لڳل ڏسي سگهن ٿيون.
شهر جي مختلف پيڊسٽل پُلن تي موبائل آنلائن ڪرڪيٽ ايپ گيمنگ جا بينر لڳائي پروموشن ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته ان آنلائن اپليڪيشن تي پاڪستان ۾ پابندي لڳل آهي، اپليڪيشن کي ڪرڪيٽ ۾ جوا لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.