کنڊ جي بحران کان بچڻ لاءِ حڪومت جو وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پيداوار بابت وفاقي وزارت جي ذريعن موجب حڪومت لاڳاپيل ايسوسيئيشن کان لکت خاطري گهري هئي پر شگر ملز مالڪ برآمد جي صورت ۾ کنڊ جو بحران پيدا نه ٿيڻ جي خاطري نه ڪرائي سگهيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت کنڊ جي برآمد جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزارت جي ذريعن موجب برآمد جي اجازت جي سمري جي خبرن تي بازار ۾ کنڊ مهانگي ٿيڻ لڳي آهي، جيئن ئي سمري منظور ٿي کنڊ 25 رپين تائين وڌي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جي معاملي تي لاڳاپيل ادارن کي حڪومت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.