برطانيا ۾ ڇوڪرين سان لڄالٽ تي 24 جوابدارن کي 346 سال قيد جي سزا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ 8 ڇوڪرين سان جنسي زيادتين ۾ ملوث 24 جوابدارن کي مجموعي طور 346 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
جنسي زيادتين، بدسلوڪي ۽ سمگلنگ جا واقعا انگلينڊ جي علائقي ويسٽ يارڪشائر ۾ 1999 کان 2012 دوران پيش آيا هئا.
برطانوي ميڊيا موجب جوابدارن جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ تان هاڻ پابندي کنئي وئي آهي.
برطانيا ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهي گرفتاريون 2018 جي آخر کان سڄي ويسٽ يارڪشائر ۾ ڪيون ويون ۽ انهن جوابدارن تي ڊسمبر 2023 ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
ڪيسن ۾ سزا ماڻيندڙ 4 جوابدارن کي 20 سالن کان وڌيڪ قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.