ابرار الحق کي ڪترينا سان فلم جي آڇ، سال جو سڀ کان وڏو لطيفو قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان مشي خان فنڪارا ابرار الحق جي تازي بيان کي مزاق ۽ لطيفو قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ابرار الحق دعويٰ ڪئي هئي ته هن کي ڀارتي مشهور اداڪارا ڪترينا ڪيف سان فلم جي آڇ ٿي هئي.
ابرار الحق انٽرويو ۾ اها به دعويٰ ڪئي هئي ته هن فلم جي آفر ڪجهه سخت شرطن جي ڪري ٺڪرائي ڇڏي هئي.
فنڪار جي اهڙي دعويٰ بعد اداڪارا مشي خان هڪ وڊيو شيئر ڪندي ابرار الحق جي دعويٰ کي سال جو سڀ کان وڏو لطيفو قرار ڏنو.
مشي خان چيو ته روز روز اهڙيون مزيدار ۽ دلچسپ خبرون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن، سمجهه ناهي ايندي ماڻهو کلي، روئي يا ڇا ڪري؟
اداڪارا وڊيو ۾ کلندي چيو ته ابرار الحق صاحب اوهان کي ڪترينا سان فلم جي آڇ ٿي هئي ته پوءِ ايترا سال اوهان ٻڌايو ڇو نه؟
هن ابرار الحق کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پارٽي ڇڏي کانپوءِ اوهان سميت ڪجهه ٻين ماڻهن جي دماغ ۾ عجيب هلچل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.