پاڪستان ۾ 35 سالن کان وڏي عمر جون هڪ ڪروڙ عورتون شادي جون منتظر!

گڏيل قومن جي رپورٽ موجب هن وقت پاڪستان ۾ 35 سالن کان وڏي عمر جون هڪ ڪروڙ عورتون شادي جي انتظار ۾ آهن.
اهي انگ اکر پاڪستان ۾ شادي بابت سخت مسئلن جي نشاندهي ڪن ٿا.
پاڪستان جي حوالي سان گڏيل قومن جي گذريل سال جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ 22 ملين نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شادي جي انتظار ۾ آهن.
رپورٽ موجب مناسب رشتا نه هجڻ سبب والدين پنهنجي ٻارن جي شادي ڪزن سان ڪرائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪزن جا رشتا نه هجڻ سبب والدين برادري کان ٻاهر رشتا ڪرڻ تي راضي ٿي ويندا آهن پر پنهنجي برادري کان ٻاهر مناسب ۽ معتبر رشتا نه هجڻ سبب لنوائيندا به آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.