شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي جي پهرئين اوور ۾ 50 وڪيٽون وٺندڙ پهريون بالر بڻجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي ۾ منفرد ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
ڇنڇر تي پاڪستان ۾ نيوزيلينڊ خلاف پنجين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ فاسٽ بالر پهرئين اوور ۾ وڪيٽ وٺي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر بڻجي ويو.
نيوزيلينڊ خلاف اننگ ۾ شاهين آفريدي ڪيوي بيٽر ٽام بنڊل کي بولڊ ڪري اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو.
ان وڪيٽ سان قومي فاسٽ بالر ٽي ٽوئنٽي جي مئچز ۾ پهرئين اوور ۾ 50 وڪيٽون وٺندڙ پهريون بالر به بڻجي ويو.
ٽي ٽوئنٽي جي پهرئين اوور ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙن ۾ ڀارتي بالر ڀمرا 43 وڪيٽن سان ٻئين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.