عراق ۾ هم جنس پرستي، جسم فروشي، جنس جي تبديلي سزا جوڳو ڏوهه قرار

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراقي پارليامينٽ هم جنس پرستي کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏيڻ جو بل منظور ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب عراق ۾ هاڻ هم جنس پرستي تي 10 کان 15 سالن تائين سزا ٿي سگهي ٿي.
عراقي پارليامينٽ مان پاس ڪيل بل ۾ ٽرانسجينڊرز بابت شق به شامل آهي ته ان کي به ان ڏوهه تي هڪ کان 3 سالن تائين سزا ٿي سگهي ٿي.
نئين پاس ڪيل قانون تحت عراق ۾ هم جنس پرستي، جسم فروشي، جنس جي تبديلي کي به سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.
عراق ۾ ڪجهه مذهبي گروهن جو خيال آهي ته اهو قانون ملڪ ۾ مذهبي قدرن کي برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.