ڪراچي جي موسم بابت اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايندڙ 4 کان 5 ڏينهن تائين گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگارن موجب ڪراچي ۽ ڀرپاسي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگارن چيو آهي ته اتر اولهه هوائن جي وڌيڪ اثر سبب گهم گهٽ رهندي، جنهن سبب محسوس ڪيو ويندڙ گرمي پد 41 ڊگري تائين ٿي سگهي ٿو.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته رات جي وقت موسم ڪجهه بهتر ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.