36 نڪاح ڪيا آهن، پوءِ به عورتون مرنديون آهن:مفتي عبدالقوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اڳوڻي ميمبر ۽ تڪراري خبرن جي ڪري مشهور مفتي عبدالقوي انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي زندگي ۾ 36 نڪاح ڪري چڪو آهي.
اهڙو انڪشاف هن نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو، انٽرويو ۾ هن پنهنجين شادين سميت ٻين تڪراري موضوعن تي ڳالهايو.
شادين بابت سوال تي مفتي عبدالقوي چيو ته مون صرف هڪ شادي ڪئي آهي، جنهن مان اولاد به آهي، هاڻ ڏاڏو ۽ نانو به ٿي ويو آهيان.
انٽرويو ۾ اينڪر جي ٻي سوال تي هن انڪشاف ڪيو ته 36 نڪاح ڪري چڪو آهيان، منهنجي عمر 69 سال آهي پر پوءِ به عورتون مون تي قربان آهن.
هن جو چوڻ هو ته هر عورت کي پنهنجي اصل عمر ٻڌائيندو آهيان پر عورتون پوءِ به قربان آهن، عرب دنيا ۾ اهڙا عالم به موجود آهن جيڪي مونکان به وڌيڪ نڪاح ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.