ڀيڻ کي شادي جو تحفو ڏيڻ تي ڪاوڙيل زال مڙس کي مارائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀيڻ کي شادي تي سون جي منڊي ۽ ٽي وي جو تحفو ڏيڻ تي ڪاوڙيل زال مڙس کي مارائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اتر پرديش رياست ۾ پيش آيو، جتي 35 ورهين جي چندر پرڪاش مشرا پنهنجي ڀيڻ جي شادي تي کيس تحفي طور سون جي منڊي ۽ هڪ ٽي وي ڏيڻ جو سوچيو ته اها ڳالهه سندس زال کي نه وڻي.
رپورٽن موجب تحفي جي معاملي تي زال مڙس ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن تي ڪاوڙيل زال پنهنجي ڀائرن کي آگاهه ڪيو ۽ مڙس کي سبق سيکارڻ جو چيو.
ڇبي نالي عورت جي ڀاءُ چندر پرڪاش کي تقريبن هڪ ڪلاڪ تائين ڏنڊن سان ڪُٽيو، جنهن کانپوءِ چندر کي اسپتال نيو ويو، جتي علاج دوران هن دم ڏئي ڇڏيو.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ڇبي ۽ سندس ڀائرن سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.