انسٽاگرام تي واهپيدارن کي وڊيوز ڏسڻ لاءِ پيسا ڀرڻا پوندا

سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام جا 20 لک کان وڌيڪ واهپيدارن کي هاڻي پنهنجي پسنديده شخصيتن کي فالو ڪرڻ لاءِ قيمت ڏيڻي پوندي آهي، انسٽاگرام انتظاميا ڪانٽينٽ تيار ڪندڙن تي پهچڻ لاءِ پيسا ڏيندڙ واهپيدارن جي حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي اها تمام بهتر اڳڀرائي چئي سگهجي ٿي ڇو ته پنهنجي من پسند ڪانٽينٽ ڪيريئٽر تائين پهچڻ لاءِ رقم ڏيڻ جي صورت ۾ واهپيدار انهن لاءِ آمدني جو ذريعي بڻجي پنهنجي من پسند شخصيتن ۽ ڪيريئٽرز کي سبسڪرپشن ذريعي سپورٽ ڪري سگهن ٿا.
انسٽاگرام سبسڪرائبز اونلي نالي خاص مواد تائين پهچڻ لاءِ ادائيگي جو آپشن رکيو آهي، ان جو مقصد خاص مواد تائين آساني سان پهچڻ لاءِ گنجائش ڏيڻ آهي، اصل ۾ اهڙي ڪانٽينٽ کي پريميم ڪانٽينٽ چيو ويندو آهي.
انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري ٻڌايو آهي ته ڪنهن به آئٽم بابت فيڊ بيڪ ۽ رکيل مواد کي بچائڻ نوان فلٽر متعارف ڪرائي رهيا آهيون ته جيئن نامناسب لفظن جو استعمال نه ٿي سگهي، واهپيدارن کي بهتر موقعا فراهم ڪرڻ سميت پنهنجين پوسٽس تي ايندڙ نوٽيفڪيشن کي ميوٽ ڪرڻ جو آپشن به ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.