رنبير جهڙو مرد مليو ته شادي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندس: امر خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڀرندڙ اداڪارا امر خان شادي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته بالي ووڊ اسٽار رنبير ڪپور جهڙي مرد سان شادي ڪندس.
امر خان تازو ئي ناليواري پرڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر دانش نواز ۽ ياسر نواز ۽ ميزبان ندا ياسر جي يوٽيوب چينل تي پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي.
اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته هوءِ ڪهڙي مرد سان شادي ڪندي ۽ ان ۾ ڪهڙي خوبي هجڻ لازم آهي، ڇا هوءِ ڪنهن ڊائريڪٽر يا ليکڪ سان شادي ڪندي؟
جواب ۾ امر خان چيو ته پنهنجي فيلڊ ۾ ڪنهن به ڇوڪري سان شادي نٿي ڪرڻ چاهيان، ڇو ته پوءِ حالتون سنڀارڻ مشڪل ٿي وينديون آهن.
اداڪارا جو چوڻ هو ته اهڙا ماڻهو گهٽ آهي جيڪي هڪ ئي فيلڊ سان تعلق رکندا هجن، مونکي رنبير ڪپور جهڙي مرد جي تلاش آهي، ۽ مان اهڙي ئي مرد سان شادي ڪري سگهان ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.