60 سالن جي عورت کي مس بيوٽي ڪوئين قرار ڏنو ويو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ارجنٽائن جي 60 سالن جي ليجنڊرا ماريسا روڊريگز مس ڪيپيٽل بيونس آئرس جو خطاب کٽي ورتو ۽ پوءِ مس ارجنٽائن 2024 جي ڪواليفائر لاءِ به ڪواليفاءِ ڪري ورتو. پر هاڻي ماريسا روڊريگز جي نوجواني جهڙين ۽ دلڪش خاصيتن سوال ۽ شڪ پيدا ڪيا آهن.

عالمي آرگنائزيشن فار بيوٽي پيجنٽس وڌ ۾ وڌ عمر جي خاتمي جي نتيجي ۾ وڏي عمر جي ماڻهن کي به خوبصورتي جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏنو هو.

ان کان اڳ هن مقابلي ۾ 18 کان 28 سالن تائين جون عورتون شريڪ ٿينديون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.