عمران خان پارٽي قيادت کي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتن سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم پارٽي قيادت کي اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين سياسي جماعتن سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي.
پاڪستان تحريڪ ناصاف اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ باني شبلي فراز عمران خان طرفان ڳالهين جي اجازت ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، عمران خان طرفان شرط رکيا ويا آهن ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهيون آئين ۽ قانون پٽاندڙ ٿينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ڳالهين کان اڳ ٽي او آرز طئي ڪيا ويندا مختلف اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتن سان ٽي او آرز تحت ڳالهيون ڪندا.
اڄ صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته سياسي عدم استحڪام ملڪ کي گهيري ورتو آهي، ڳالهين جا پيرا ميٽرز اڳواٽ طئي ڪيا ويندا، ڳالهيون ڪهڙي طريقي ۽ ڪهڙي ماحول ۾ ٿينديون پهريان طئي ڪيو وڃي تڏهن ئي ڳالهيون لاءِ رستو کولندو جيڪي اسٽيڪ هولڊرز آهن تن سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.
هن چيو ته تحريڪ انصاف به هڪ حقيقت آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ به هڪ حقيقت آهي موجودا حڪومت فارم 47 تحت ٺهي آهي، اِهو ڏسڻو پوندو ته حڪومت ڪيتري حد تائين بااختيار آهي، تنهنڪري پهريان گرائونڊ ورڪ ۽ پوءِ ماحول کي نظر ۾ رکڻو پوندو.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ئي سينيٽ جي اجلاس ۾ ن ليگ سينيٽر عرفاق صديقي پارٽي قيادت جي خواهش تي پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.