پاڪستان لاءِ تيار ڪيل چين جي پهرين هنگور ڪلاس آبدوز جو افتتاح

چين ۾ پاڪستان لاءِ تيار ٿيندڙ پهرئين هنگور ڪلاس آبدوز جي لانچنگ ۽ افتتاحي تقريب چين جي ووچانگ شپ بلڊنگ انڊسٽري گروپ ڪمپني لميٽڊ شو انگليو ۾ منعقد ٿي.
چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب پراجيڪٽ پاڪ چين دوستي ۾ هڪ نئين شڪل ڏيندو.
پاڪستاني حڪومت چيني صدر شي جن پنگ جي دوري تي 8 هنگور ڪلاس آبدوز حاصل ڪرڻ لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.
معاهدي ذريعي 4 آبدوز چين ۾ تعمير ڪيا ويندا جڏهن ته ٻيا 4 پاڪستان ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس لميٽڊ ۾ تعميرا ٿيندا.
اهي آبدوز جديد ترين هٿيارن ۽ سينسرن سان ڀريل هوندا، جن ذريعي پري پري تائين حدف کي نشانو بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.